شاهد خاقان کي گرفتاري جي خبر هئي، ايل اين جي ڪيس ۾ اڃان به ڪيتريون ئي گرفتاريون ٿينديون؛ شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جي گرفتاري تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته ايل اين جي ڪيس ۾ اڃان به ڪيتريون ئي گرفتاريون ٿينديون. تفصيل موجب شيخ رشيد احمد جو چوڻ هو ته شاهد خاقان عباسي کي خبر هئي ته اڄ سندس گرفتاري ٿيندي، هن پهرين کان طئي ڪيو هو ته نيب ۾ پيش نه ٿيندس. سندس چوڻ هو ته شاهد خاقان عبس کي ته اڄ نيب طلب ڪيو هو ڪيڏانهن وڃي رهيو هو، سپريم ڪورٽ ايل اين جي جا سمورا دستاويز نيب کي ڏئي ڇڏيا هئا. هن اِهو به چيو ته مون وٽ جيترا به دستاويز آهن عدالت ۾ جمع ڪرائي چڪو آهيان، 90 ڏينهن ۾ وڏن وڏن ڪيسن جا فيصلا ٿي ويندا. شيخ رشيد جو چوڻ هو ته اِها گرفتاري منهنجي لاءِ ڪا نئين خبر ناهي، چيو هو ته ڪيترن ئي اهم ڪيسن جا فيصلا ٿيندا. هن وڌيڪ چيو ته جيڪو شخص جيتريون رڙيون ڪري رهيو آهي ان جو ڪيس اوترو ئي وڏو آهي، آسان نسخو ٻڌائي ڇڏيو آهي جيڪو وڏيون رڙيون ڪري رهيو آهي ايندڙ وارو ان جو ئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *