
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) گهرو وزارت نيب جي درخواست تي اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ مفتاح اسماعيل سميت ستن ڄڻن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪري ڇڏيا. نيب ستن ڄنن کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪڻ لاءِ سندن نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش ڪئي. گهرو وزارت طرفان نيب کي باقاعده هڪ خط موڪليو ويو آهي جنهن ۾ موڪليل سمورا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ بابت آگاهه ڪيو ويو آهي. گهرو وزارت جي خط ۾ ٻڌايو ويو آهي ته احتساب بيورو جي درخواست تي ستن ڄڻن جا نالا اي سي اي ۾ شامل ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ اڳوڻو وزيراعظم ۽ مسلم ليگ ن اڳواڻ شاهد خاقان عباسي، مسلم ليگ ن اڳواڻ ۽ ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل جا نالا به شامل آهن. مبين صولت، شاهد اسلام الدين، عمران خان الحق، عظميٰ عادل خان ۽ عامر نسيم جا نالا به اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويا آهن. اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ مفتاح اسماعيل خلاف نيب ايل اين جي ڪيس جي جاچ ڪري رهي آهي، شاهد خاقان عباسي ڪيترائي ڀيرا نيب ۾ پيش به ٿي چڪو آهي، جڏهن ته مفتاح اسماعيل عدالت ۾ عبوري ضمانت به حاصل ڪري رکي آهي.