شاهد خاقان عباسي نيب هٿان گرفتار، نيب ۽ نيازي تماشو لڳائي رهيو آهي: ن ليگ

لاهور/ راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي ايل اين جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. مسلم ليگ ن اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي طلبي باوجود نيب ۾ پيش نه ٿيو.  اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي طلب جي نوٽيس باوجود نيب اڳيان پيش ٿيڻ کان انڪار ڪيو.  شاهد  خاقان عباسي نيب کي خط لکيو جنهن ۾ هن چيو ته نيب جي آفيس ۾ پيش ٿيڻ لاءِ تيار آهيان، مناسب وقت ڏنو وڃي. هن چيو ته نيب ۾ طلبي جو خط گذريل ڏينهن مليو هڪ ڏينهن جي نوٽيس تي نيب آفيس ۾ پيش ٿيڻ ممڪن ناهي. پيشي کانپوءِ انڪار کانپوءِ نيب لاهور ۾ شاهد خاقان عباسي کي گرفتار ڪري ورتو. شاهد خاقان عباسي کي لاهور ٽول پلازه تي روڪڻ کانپوءِ نيب جي اختيارين پنهنجي تحويل ۾ ورتو. مسلم ليگ ن اڳواڻ احسن اقبال شاهد خاقان عباسي کي گرفتار ڪرڻ جي تصديق ڪئي.  نيب ترجمان موجب جوابدارن تي من پسند ڪمپني کي ايل اين جي ٽرمينل جو 15 سالن لاءِ ٺيڪو ڏيڻ، مبينا طور تي ملڪي ناڻي کي اربين رپين جو نقصان پهچائڻ جو الزام آهي. ٻئي پاسي پاڪستان مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته شاهد خاقان عباسي کي غلط طريقي سان گرفتار ڪيو ويو ۽ اِها گرفتاري حڪومت ۽ نيب جي ملي ڀڳت آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شهباز شريف چيو ته اڄ عمران خان نيازي ۽ نيب جي ملي ڀڳت سان مسلم ليگ ن جي قيادت تي ڀرپور وار ٿيو آهي، اڄ غلط طريقي سان شاهد خاقان عباسي کي گرفتار ڪيو ويو. هن چيو ته شاهد خاقان عباس کي گرفتار ڪرڻ جي لاءِ نيب وٽ وارن نه هئا ڊي جي نيب کيس پهرين واٽس ايپ پيغام ڏيکاريو جڏهن ته پوءِ هن کي گرفتاري جي وارنٽ جي ڪاپي ڏيکاري حراست ۾ ورتو ويو. شهباز شريف جو چوڻ هو ته اِهو تماشو آهي جيڪو عمران خان ۽ نيب جي ملي ڀڳت سان لڳل آهي، ان جو سبب اِهو اهي ته عمران خان 11 مهينن ۾ ملڪي معيشت جو جنازو ڪڍيو ۽ ان تباهه ٿيل معيشت جي جنازي کي انهن گرفتارين جي پٺيان لڪائڻ چاهي ٿو، جڏهن ته ظلم ۽ ذيادتي ڪري عوام جو ڌيان هٽائڻ چاهي ٿو. شاهد خاقان عباسي جي باري ۾ مختصر ٻڌائيندي هن چيو ته ملڪ ۾ 5 هزار ميگا واٽ بجلي پيدا ڪرڻ جو منصوبو لڳايو جڏهن ته گيس جي لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ ۾ شاهد خاقان عباسي جو ڪليدي ڪردار آهي. پنهنجي ڳالهه کي جاري رکندي هن چيو ته نواز شريف کي هن ملڪ جي غريب عوام جو ڏک سور هو ۽ آهي، ان کي ڏسندي گيس جي اگهن ۾ هيٺين سطح تي واڌ ناهي ڪئي ۽ آءِ ايم ايف جي ڊڪٽيشن ناهي ورتي وئي. مسلم ليگ ن جي صدر وڌيڪ چيو ته شاهد خاقان  جو قصور ڪهڙو آهي ته هو نواز شريف جو ساٿي آهي ۽ دلير ماڻهو آهي جيڪو سمجهوتو ناهي ڪندو. گڏوگڏ ئي هن چيو ته احتساب ڪٿي آهي، شفاف انصاف تي ٻڌل احتساب پاڪستان ۾ ڪاٿي آهي، هي احتساب جي نالي تي مسلم ليگ ن جي خلاف بدترين انتقام آهي، قوم سمجهي چڪي آهي ته مسلم ليگ ن جو اڳواڻ انتقام جو نشانو بڻجي رهيو آهي. ليگي صدر جو چوڻ هو ته عمران خان دنيا ۾ پاڪستان کي اهڙو ملڪ بڻائي ڇڏيو آهي جنهن تي هر موقعي تي دنيا کلي آهي، عمران خان مخالف ڌر کي گاريون ڏيندڙن کي وزير بڻائي ڇڏيو آهي جڏهن ته ايندڙ ڏينهن وزارت واپس وٺندو رهندو آهي، توهان ڪڏهن ايف بي آر چيئرمين لڳايو ٿا ته ڪڏهن هٽايو ٿا. پنهنجي ڳالهه کي جاري رکندي عمران خان بجيٽ ۾ عوام تي ٽيڪس جي ڪهاڙي هلائي، ڪجهه ڏينهن پهرين واپارين ۽ سيڙپڪارن هڙتال ڪئي، 71 سالن جي تاريخ ۾ اهڙو ٽيڪس ڪڏهن به ناهي لڳو جيڪو هنن لڳايو آهي. شهباز شريف چيو ته توهان دنيا ۾ پاڪستان کي بدنام ڪري ڇڏيو، هتي ڪير اچي سيڙپڪاري ڪندو، معيشت ۽ هارين جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو، ماني جي قيمت 15 کان 20 رپين تائين اچي وئي آهي غريب جي لاءِ جيئڻ ڏکيو ٿي ويو آهي. پريس ڪانفرنس دوران مسلم ليگ ن جي صدر جو چوڻ هو ته انهن سمورن سبب ۽ بدترين غفلت جي ڪاوڙ مسلم ليگ ن جي تي پئي ڪئي وڃي ۽ نيب جي جيلن ۽ اذيت خانن ۾ جيڪي ماڻهو بند آهن انهن ۾ اڪثريت مسلم ليگ ن جي قيادت جي اهي جڏهن ته ٻئي نمبر تي پيپلز پارٽي جي آهي. هن چيو ته قوم ڄاڻي ٿي ته اربين، کربين جا ڪرپشن ڪيس نيب وٽ پيا آهن پر انهن تي ڪا به ڪارروائي نٿي ٿئي ڇو ته اِهي موجوده حڪومت جا آهن، ان جو هڪ مثال بس ريپڊ ٽرانسپورٽ پشاور آهي. شهباز شريف پنهنجي ڳالهه ٻولهه جاري رکي ۽ چيو ته عمران خان ۽ نيب جي اها ڪهاڙي مسلم ليگ ن جي تي ان ڪري هلائي پئي وڃي ڇو ته اسان عوام جي خدمت ڪئي آهي ۽ اِها ئي شئي عمران خان کي سمهڻ نٿي ڏئي. ليگي صدر جو چوڻ هو ته عمران خان پاڪستان کي تباهه ڪري ڇڏيو پر وقت اچي ويو آهي ته قوم توهن کان ان جو حساب وٺندي، گڏوگڏ ئي هن چيو ته اسان نواز شريف جي قيادت ۾ خدمت ڪئي غطليون اسان کان به ٿيون هونديون ڇو ته اسان به انسان آهيون. وزير اعظم تي تنقيد ڪندي چيو ته عمران خان هڪ ناڪام، ضدي، ڪاوڙ سان ڀريل، مغرور ۽ سليڪٽڊ وزير اعظم آهي هن ڪڏهن به سڀني جي ڳالهه ناهي ڪئي، 1992 جو ورلڊ ڪپ کٽڻ تي به هن مان مان مان ڪئي پر اسان واري ڳالهه نه ڪئي. هن چيو ته نيب ۽ عمران خان گڏيل آهن، جيڪڏهن ائين نه ٿئي ته ميگا ڪرپشن جي ڪيسن جي باجود نيب ستل نه هجي ها، پر اسان کي رڳو هڪ ڳالهه جي سزا ملي رهي آهي جنهن کي اسان کي ڀوڳڻو آهي ۽ ڀوڳينداسين پر عمران خان کي اِهو سودو مهانگو پوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *