شاهد خاقان عباسي نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا، دشمنن سان مقابلو ڪنداسين: نامزد وزيراعظم

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان مسلم ليگ نون پاران نامزد وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪاغذ نامزدگي جمع ڪرائي ڇڏيا. سومر تي قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري جواد رفيق ملڪ وٽ پنهنجي تاعيد ۽ تجويز ڪندڙن سان گڏ شاهد خاقان عباسي ڪاغذ نامزدگي جمع ڪرايا. انهن تجويز ڪندڙ ڻ ۾ قيصر احمد شيخ، زاهد حامد، اعجازالحق، شيخ آفتاب احمد، عبدالقادر بلوچ ۽ ٻيا موجود هيا. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي نون ليگ جي نامزد وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته مسلم ليگ نون اتحآدي پارٽين سان رابطو ڪيو آهي. اميد آهي ته الله تعاليٰ انکي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪندو. اسانکي پنهنجي ڪاميابي تي يقين آهي، ان لاءِ اسان ڪورنگ ڪينڊيڊيٽ جي طور تي ڪنهن ٻئي جا ڪاغذ نامزدگي داخل نه ڪرايا. هن چيو ته گذڙيل جمعي تي 12 وڳي تائين مسلم ليگ نون جي حڪومت جو ن جيڪي پاليسيون هيون اهي جاري رهنديون ۽ ملڪ جي ترقي خوشحالي ۽ سلامتي اسانجي پهرين ترجيح هونديون.  هن چيو ته پنهنجي قائد نوازشريف جي ويزن موجب ترقي جوسفر جاري رکندس ڪابينا جو فيصلو پارٽي ڪندي، هن چيو ته شيخ رشيد رفرنس داخل ڪرڻ جو شوق پورو ڪري، مان ۽ هو هڪ ئي شهر ۾ رهون ٿا هڪ ٻئي کي سٺي طرح ڄاڻون ٿا.  وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته ڪابينا صلاح مشوري سان ٺهندي آهي ۽ انجو فيصلو پارٽِي جي اعليٰ قيادت ڪندي. اسانجي ليڊرشپ صبر جو سبق ڏنو آهي. عوام فيصلو ڪندي ته اسانجي زبان صحيح آهي يا اسانجي مخالفن جي. هن چيو ته جيڪي اسانجي حڪومت جي ترجيح هئي اها ئي منهنجي رهندي. ڪابينا جو فيصلو هڪ ٻن ڏينهن ۾  ٿي ويندو. وزيراعظم آئيني طريقي سان بڻجندو آهي. پٽيشن جو ڪو به اثر نه ٿيندو. هر قسم جي فضول پٽيشن ڪرڻ جي روايت پئجي وئي هن چيو ته مان ٽيهن سالن کان اسيمبلي ۾ آهيان ۽ 20 کان 22 دفعا اثاثن جي تفصيل ڏني آهي، منهنجي اثاثن جي بابت جنهن کي شڪ هجي ته درخواست داخل ڪري سگھي ٿو، بنا ڪنهن  وڪيل جي ان درخواست جو جواب ڏيندس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *