شاهد حامد جي قتل ڪيس ۾ صولت مرزا کي ڦاهي ڏني وئي، لاش ڪوئيٽا کان ڪراچي منتقل، وارثن حوالي

ڪوئيٽا/ڪراچي(اسٽاف رپورٽر/بيورو) ڪي اي ايس سي جي ايم ڊي شاهد حامد جي قتل ڪيس ۾ صولت مرزا کي مچ جيل ۾ ڦاهيءَ تي لٽڪايو ويو، سندس لاش ڪوئيٽا جي ايڌي هوم منتقل ڪيو ويو جتان ايئرايمبولنس ذريعي ڪراچي پهچايو ويو. ايم ڪيو ايم ۽ الطاف حسين ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪندڙ صولت مرزا کي مچ جيل ۾ صبح جو چار لڳي 30 منٽن تي ڦاهي ڏني وئي. صولت مرزا جي ڦاهيءَ جي موقعي تي مچ جيل ۾ سڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا هئا ۽ جيل جي چوڌاري پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي هئي. ڦاهي ڏيڻ بعد صولت مرزا جو لاش سندس ڀاڻيجن حوالي ڪيو ويو. صولت مرزا جو لاش مچ جيل کان ايمبولنس ذريعي ڪوئيٽا پهچايو ويو جتان ايڌي هوم منتقل ڪيو ويو. صولت مرزا جي وارثن موجب ايئر ايمبولينس ذريعي مڙهه ڪراچي پهچايو ويو. صولت مرزا جي ڀاءُ جو چوڻ آهي ته صولت کي اوڀر ڪراچي جي محمد شاهه قبرستان ۾ دفنايو ويندو. ياد رهي ته 1997ع ۾ صولت مرزا ڪي اِي ايس سي جي ايم ڊي شاهد حامد کي ڊرائيور سميت قتل ڪيو هو. 1998 ۾ سي آءِ ڊي پوليس پرڏيهه کان واپسي تي صولت مرزا کي گرفتار ڪيو هو جڏهن ته کيس 16 سال اڳ ڦاهي جي سزا ٻـُڌائي هئي. صولت مرزا ڪَي اِي ايس سِي جي ايم ڊي شاهد حامد جي قتل ڪيس ۾ 17 سال جيل ۾ رهيو. صولت مرزا جو ايم ڪيو ايم ۽ الطاف حسين خلاف ڇڙڪائيندڙ وڊيو بيان سامهون اچڻ بعد سندس ڦاهي 19 مارچ ۽ پهرين اپريل تي ملتوي ڪئي وئي هئي جڏهن ته ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت گذريل هفتي ٽيون ڀيرو جوابدار جا ڊيٿ وارنٽ جاري ڪيا هئا  صولت مرزا جي لاش کي  مچ جيل کان ڪوئيٽا منتقل ڪيو ويو، جتان اڏام ذريعي ڪراچي ايئرپورٽ آندو ويو آهي. ڪراچي ايئرپورٽ تي صولت مرزا جي مائٽن جو وڏو انگ موجود هو. صولت مرزا جي جنازي نماز گلشن معمار ۾ ادا ڪرڻ بعد  سندس تدفين نارٿ ڪراچي جي قبرستان ۾ ڪئي ويئي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت، 1997ع ۾ ڪي اي ايس سي جي اڳوڻي ايم ڊي شاهد حامد، سندس گارڊ ۽ ڊرائيور کي قتل ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 16سال اڳ صولت مرزا کي موت جي سزا ٻڌائي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *