شاهد آفريدي جي ڪتاب ٿرٿلو مچائي ڇڏيو

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي پنهنجي ڪتاب ”گيم چينجر“ ۾ ساٿي رانديگرن جي حوالي /ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 01

سان اهم انڪشاف ڪيا آهن.بوم بوم جي نالي سان مشهور شاهد آفريدي جو ڪتاب مهورت کان اڳ ئي سوشل ميڊيا تي بحث جو سبب بڻجي ويو آهي، جنهن ۾ اينڪر پرسن وجاهت سعيد خان به ڪجهه اشارا شيئر ڪيا آهن.شاهد آفريدي پنهنجي ڪتاب ۾ وقار يونس کي وچ درجي جو ڪپتان قرار ڏنو، جڏهن ته ڪوچنگ جي حوالي سان سندس چوڻ آهي ته وقار يونس ڪوچ بڻجڻ کانپوءِ هن جي ڪم ۾ مداخلت ڪئي، جنهن سبب هن جا وقار يونس سان اختلاف رهيا. پنهنجي ڪتاب ۾ شاهد آفريدي وقار يونس ۽ وسيم اڪرم ۾ اختلافن جو به ذڪر ڪيو آهي، ان سان گڏوگڏ هن اڳوڻي عظيم بيٽسمين جاويد ميانداد سان اختلافن تان به پردو کڻندي چيو آهي ته هو کيس پسند نه ڪندو هو ۽ ٽيسٽ ۾ ڊيبيو کان اڳ کيس ڪا پريڪٽس نه ڪرائي وئي.اڳوڻي آل رائونڊر ڪشمير جي حوالي سان پنهنجي ڪتاب ۾ چيو آهي ته ڪشمير ڀارت ۽ پاڪستان جو نه پر ڪشميرين جو آهي ۽ ان سلسلي ۾ وزيراعظم عمران خان کي وڌيڪ ڪوششون ڪرڻ گهرجن.اشارا پڙهڻ کانپوءِ خبرون ميڊيا جي سونهن بڻيون ته شاهد آفريدي ٽوئيٽ ڪندي چيو ماڻهو ميڊيا جي مشهوري تي نه وڃن ۽ ڪتاب پڙهن، کيس ڪتاب ۾ جنهن کي ڪريڊٽ ڏيڻو هو ان کي ڪريڊٽ به ڏنو آهي.واضح رهي ته شاهد آفريدي جي ڪتاب ”گيم چينجر“ جي مهورتي تقريب ڇنڇر تي ڪراچي ۾ ٿيندي، ان حوالي سان اڳوڻي ڪرڪيٽ مشتاق احمد به ٽوئيٽ ڪندي عوام کي اهو ڪتاب پڙهڻ جي اپيل ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *