شانگلا وارو خادم پاڪستان ۽ بني گالا وارو سياسي شيطان آهي: رانا ثناءُالله جو شيخ رشيد کي جواب

اسلام آباد (اين اين آءِ) گهرو وزير رانا ثناءُالله خان شيخ رشيد جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو ته شانگلا وارو خادم پاڪستان ۽ بني گالا وارو سياسي شيطان آهي شهبازشريف جي ڪپڙن مان پاڪستان لاءِ محنت جي پگهر جي خوشبو اچي رهي آهي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته شانگلا ۽ بني گالا واري ۾ فرق اهو آهي ته هڪ عوام کان گهري رهيو آهي ٻيو عوام کي ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته شهبازشريف جي ڪپڙن مان پاڪستان لاءِ محنت جي پگهر جي خوشبو اچي رهي آهي هن چيو ته هڪ جمهوري ووٽ سليڪشن جي 176 ووٽ تي ڳرو ٿئي ٿو. شانگلا وارو خادم پاڪستان ۽ بني گالا وارو سياسي  شيطان آهي هن چيو ته ننڍا وڏا شيطان ڀڄائڻ لاءِ چار ئي ڪل ۽ آيت الڪرسي پڙهڻ لازمي آهي هن چيو ته وظيفو تيز ٿيندو ته شيطانن جي رڙين ۾ اڃا وڌيڪ اضافو ٿيندو هن چيو ته شانگلا وارو عوام جي اٽي لاءِ پنهنجا ڪپڙا وڪرو ڪرڻ لاءِ تيار آهي هن چيو ته بني گالا واري چئن سالن ۾ مهانگائي ۽ ڪرپشن سان عوام جا ڪپڙا لاهڻ جي ڪوشش ڪئي هن چيو ته بني گالا واري عوام جو اٽو کنڊ گيهه ۽ دوا چوري ڪئي سرڪاري گهڙي، هار منڊيون ۽ ڪار به پاڻ سان گڏ گهر کڻي ڪاهي ويو هن چيو ته بني گالا وارو اقتدار ۽ ڪرپشن لڪائڻ لاءِ پاڪستان ۽ عوام جا ڪپڙا ڦاڙي رهيو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *