
نيو يارڪ (اين اين آءِ) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي ڊاڪٽر ملحيه لوڌي چيو آهي ته شام، عراق، افغانستان ۽ ٻين ملڪن جي مسئلن جو سياسي حل ڪڍيو وڃي، گڏيل قومن ۾ پاڪستاني نمائنده ڊاڪٽر ملحيهلوڏي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪندي شام، عراق، افعانستان ۽ ٻين ملڪن ۾ تڪرارن جي روڪٿام لاءِ سياسي حل جي ضرورت تي ڀريو آهي، هن چيو ته ملڪي مداخلت سان حالتون خراب ٿينديون آهن ۽ تشدد سان بنيادي ڍانچي کي نقصان پهچندو آهي، جنهن سان ملڪي نظام متاثر ٿيندو آهي ۽ ماڻهو لڏ پلاڻ تي مجبور ٿي ويندا آهن، هن چيو ته ڪجهه ملڪ مسلمان پناهگيرن کي قبول ڪرڻ کان صاف انڪار ڪيو آهي، جيڪو قانوني، سياسي ۽ اخلاقي طور تي غلط آهي، بحريه روم جي ساحل تي پيدا ٿيندڙ پناهگيرن جي وڏي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ انساني حقن جي اصولن تي مبني واضح حقيقي ۽ اجتماعي سوچڻ رکڻي پوندي، پاڪستان هنئير به 30 لکن کان وڌيڪ افغان پناهگيرن جي ڪفالت ڪري رهيو آهي، ان لاءِ يورپي ملڪن کي به پناهگيرن سان انساني سلوڪ ڪرڻ گهرجي.