شادي ڪرڻ چاهيان ٿو پر پيءُ جيل ۾ اهي، في الحال ڌيان اوڏانهن آهي: بلاول ڀٽو زرداري

استور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته هو شادي ڪرڻ چاهي ٿو پر پيءُ جيل ۾ اهي، في الحال ڌيان اوڏانهن آهي. بلند سياحتي مقام ديوسائي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو به شادي ڪرڻ چاهي ٿو پر اڃان پيءُ جيل ۾ آهي. هن چيو ته في الحال سمورو ڌيان پيءُ تي آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي ۽ گلگت بلتستان جي عوام سان ٽن نسلن جو ساٿ آهي. بلاول چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو به ان خوبصورت علائقي جي هڪ هڪ ڪنڊ ۾ پهتو هو ۽ هو به رابطا مهم جي سلسلي ۾ هر جاءِ تي ويندو. پنهنجي شادي بابت ڳالهائيندي بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته هن جي به خواهش آهي ته شادي ٿي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *