
لاس اينجلس: (شوبز نيوز) مشهور هالي ووڊ اداڪاره انجلينا جولي جي ويجهي ذريعن انڪشاف ڪيو آهي ته هن بريڊ پٽ سان شادي نٿي ڪرڻ چاهي پر بريڊپٽ ان تي شادي جي لاءِ دٻاءُ وڌو هو.برنجلينا جي نالي سان مشهور هالي ووڊ جي جوڙي انجلينا جولي ۽ بريڊ پٽ جي شادي کي ختم ٿيندي تقريبن 3 سالن جو عرصو ٿيڻ وارو آهي پر اڃان به جولي پنهنجي اڳوڻي مڙس کان ناراض آهي.هڪ عالمي ويب سائيٽ موجب انجلينا جولي جي ويجهن ذريعن انڪشاف ڪيو آهي ته هو بريڊ پٽ سان شادي جي خواهشمند نه هئي پر بريڊ پٽ ان تي شادي جي لاءِ دٻاءُ وڌو هو ۽ اهو تجربو ايترو خراب نڪتو جو هو هاڻ ٻيهر ڪڏهن به شادي نه ڪندي. ايستائين جو انجلينا جولي پنهنجي ۽ پنهنجي ٻارن جي زندگي ۾ ايندڙ لاهن چاڙهن جو ذميوار به بريڊپٽ کي ئي مڃي ٿي.آمريڪي ميگزين کي ڏنل انٽرويو ۾ انجلينا جولي چيو هو ته مون کي پرڏيهه ۾ رهڻ پسند ناهي پر هو هن وقت اتي ئي رهندي جتي ان جي ٻارن جو پيءُ آهي.