
لاهور (شوبز نيوز) فلم اسٽار ميرا شادي جي پروگرام ۾ نه گهرائڻ تي قومي ڪرڪيٽر محمد عامر کان ناراض ٿي وئي آهي. ذريعن موجب فلم اسٽار ميرا پنهنجي هڪ گڏيل دوست ذريعي محمد عامر سان پنهنجي ناراضگي جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيو ته شادي ۽ وليمي جي پروگرام ۾ شرڪت لاءِ خصوصي طور پنهنجو سوٽ آرڊر تي تيار ڪرايو هو، پر محمد عامر مون کي نه گهرايو، جنهن تي مان هن کان ناراض آهيان، پر هن کي شادي جون مبارڪون ڏيان ٿي.