سڪيورٽي فورسز جي قربانين سبب اڄوڪو پاڪستان ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ پر امن ۽ وڌيڪ محفوظ آهي: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو)  سـُڌ سماءَ واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته سڪيورٽي فورسز جي قربانين سبب اڄوڪو پاڪستان ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ پر امن ۽ وڌيڪ محفوظ آهي، ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اسلام آباد ۾ دهشتگردي جي خاتمي ۽ ميڊيا جي ڪردار بابت تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير پرويز رشيد چيو ته امن امان جي قيام لاءِ پوليس جو ڪردار اهم آهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پوليس ۽ فوج جون قربانيون وسارڻ جوڳيون نه آهن. هن چيو ته پوليس بهادري سان دهشتگردي جو مقابلو ڪري رهي آهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پوليس جو ڪردار هميشه ياد رکيو ويندو. پرويز رشيد چيو ته تبديل ٿيندڙ حالتن سان گڏ پاڪستان مختلف چيلينجز کي پڻ منهن ڏئي رهيو آهي، چيلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ کين ڀائيچارو پيدا ڪرڻ سان گڏ سموريون گهرجون پوريون ڪرڻيون پونديون. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته سڪيورٽي فورسز جي قربانين سبب اڄوڪو پاڪستان ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ محفوظ ۽ پر امن آهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *