سڪون ۽ سادگيءَ تي ٻَڌل موسيقي ترتيب ڏيڻ تي يقين رکندي آهيان: عروج آفتاب

ڪراچي(شوبز نيوز) ڳائڻي ۽ موسيقار عروج آفتاب هدايتڪار مهريب جبار جي ايندڙ فلم ”دوباره پهر نهين“ لاءِ گانو ترتيب ڏنو آهي ۽ ڳايو به پاڻ آهي. عروج آفتاب بالي ووڊ فلم ”تلوار“ لاءِ ڳايو آهي ۽ هن چيو آهي ته صوفي موسيقي جهڙي سڪون واري ۽ سادي موسيقي ترتيب ڏيڻ تي يقين رکان ٿا. فلم ”دوباره پهر نهين“ لاءِ هن تمام گهڻو رومانوي گانو ترتيب ڏنو آهي، جيڪو دلين ۾ لهي ويندو. عروج چيو ته نيويارڪ ۾ پنهنجي دوست جي دعوت ۾ موجود هئي جتي سندس دوست گانو ڳائڻ جي فرمائش ڪئي ۽ هن ڳايو. ان تقريب ۾ هدايتڪار فلمساز وشال ڀردواج به هو، جنهن تقريب جي پڄاڻيءَ تي تلوار لاءِ ڳائڻ جي آڇ ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *