سڪندر علي جا قاتل پاڻ کي پوليس حوالي ڪري ڇڏين: الطاف حسين

لنڊن(م.ڊ) متحده قومي موومينٽ جي قائد الطاف حسين جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن سيد انظار علي عرف سيد سڪندر عليجا قاتل پاڻ کي پوليس حوالي ڪري ڇڏين، الطاف حسين چيو ته جن عنصرن سڪندر علي کي اغوا ڪري بيدردي سان قتل ڪيو آهي بهتر آهي ته اهي پاڻ سامهون اچي وڃن ۽ پنهنجو پاڻ کي رضاڪاراڻه طور تي پوليس حوالي ڪري ڇڏين ته انهن جو خير ٿي ويندو ٻي صورت ۾ هو به قدرتي آفت کان نه بچي سگهندا ۽ الله تعاليٰ انهن تي ۽ ان جي اولاد تي اهڙو عذاب نازل ڪندو جنهن کي هي ڪڌو عمل ڪندڙ به ڏسندا ۽ ان سان گڏوگڏ ان ۾ ملوث ڏوهاري به ڏسندا الله تعاليٰ انهن ڏوهه ۾ ملوث ماڻهن کي به سزا ڏيندو، آخر ۾ الطاف حسين سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس ناصر الملڪ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان به ان قتل جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *