سڪرنڊ ڀرسان 10 گھرن کي باھ، 2 معصوم نياڻين سميت 3 ماڻھو سڙي فوت، الھ تلھ بھ سڙي رک

سڪرنڊ(م.ڊ) سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ  رحمون ڪيريو ۾ 10 گھرن کي باھ 2 معصوم نياڻين سميت 3 ماڻھو سڙي فوت ٿي ويا. فوتين ۾  5 سالن جي لڇمان، 6 سالن جي لڇمي ۽ 35 سالن جو ڪرشن باگڙي شامل آھن، جڏهن ته 3 مينهون 10 ٻڪريون گهرن ۾  پيل الھ تلھ سڙي ويو، ان کان علاوه 5 ايڪڙ تي بيٺل تيار ڪڻڪ سڙي رک ٿي ويئي آھي۔ اطلاع تي سڪرنڊ مان فائر برگيڊ عملو پهتو پر باھ جي شدت ۽ تيز هوائن سبب عملي جون ڪوششون ڪامياب نه ٿي سگهيون جنهن سبب 2 معصوم نياڻين سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته چوپائي مال سميت گهرن ۾ پيل الھ تلھ سڙي ويو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *