سڪرنڊ لڳ هلندڙ ڊاٽسن مان ڪري ماءُ ۽ ڌيءَ فوت

سڪرنڊ(رپورٽر) سڪرنڊ ڀرسان قومي شاهراهه تي قاضي احمد ويجهو پنج مورو کان لڏو کڻي ويندڙ ڊاٽسن جو اوچتو اڳيون در کلڻ ڪري 50 ورهين جي مسمات جنت خاتون ۽ ٻن ورهين جي سندس ڌيءَ زاهده رند ڪري فوت ٿي ويون اطلاع ملڻ تي ايمبولينس پهچي ٻنهي ماءُ ۽ ڌيءُ جا لاش تعلقه اسپتال سڪرنڊ کڻائي آئي، جتي ضروري ڪارروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته ڊاٽسن پنج مورو کان لڏو کڻي نواب ولي محمد وڃي رهي هئي ته هي حادثو پيش آيو جڏهن ته سندس وارث تعلقه اسپتال سڪرنڊ پهچي لاش پنجو مورو کڻي ويا جڏهن ته لاش پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *