سکر ۽ فيصل آباد ۾ اڄ وڌيڪ 5 ڏوهارين کي ڦاهيءَ تي ٽنگيو ويندو

سکر /فيصل آباد(بيورو/مانيٽرنگ ڊيسڪ) دهشتگردن کي عبرتناڪ انجام تي رسائڻ جو عمل جاري آهي، اڄ وڌيڪ 5 ڏوهارين کي ڦاهيءَ تي ٽنگيو ويندو. اڱاري ڏينهن سکر سينٽرل جيل ۾ ٽن ۽ فيصل آباد جيل ۾ قيد مشرف حملي ڪيس جي ٻن جوابدارن کي موت جي سزا ڏني ويندي. سکر سينٽرل جيل ون ۾ قيد محمد شاهد حنيف،محمد طلحه ۽ خليل احمد کي سال 2001ع ۾ ڪراچي جي گلبهار ٿاڻي جي حد ۾ بچاءَ واري وزارت جي ڊائريڪٽر ظفر حسين شاهه کي قتل ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ڦاهيءَ جي سزا ٻڌائي وئي هئي. 3 جنوري تي عدالت ٽنهي جوابدارن جا بليڪ وارنٽ جاري ڪيا،جيڪي سکر جيل جي انتظاميا کي ملي ويا آهن. جيل ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽنهي دهشتگردن کي اڱاري جي صبح ساڍي ڇهين وڳي سينٽرل جيل ۾ ڦاهي ڏني ويندي. ٻئي طرف ڊسٽرڪٽ جيل فيصل آباد ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف تي حملي واري ڪيس ۾ ملوث مشتاق احمد ۽ نوازش علي کي به سڀاڻي ڦاهيءَ تي ٽنگيو ويندو. ٻنهي ڏوهارين جي وارثن سان آخري ملاقات ڪرائي وئي آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *