
سکر ( ويب ڊيسڪ ) سکر ڪوئنس روڊ تان 19 جولائي تي هڪ ئي گهر جا ڇهه ٻار گم ٿي ويا هئا جن جي هن مهل تائين خبر پئجي ناهي سگهي وارثن جي گهر ۾ قيامت جو منظر آهي . گم ٿيل ٻارڙن جون عمريون ، يارنهن سالن کان سورنهن سالن تائين آهن گم ٿيل ٻارڙن مان محمد انيس جا ٽي پٽ ، محمد قمر جا ٻه پٽ ، ۽ محمد رياض جو هڪ پٽ شامل آهي گم ٿيل ٻارڙن ۾ يارنهن سالن جو حماد ،ٻارنهن سالن جو احسان ،۽ تيرنهن سالن جو محمد احتشام ، اهي محمد انيس جا پٽ آهن . جڏهن ته يارنهن سالن جو عاصم ۽ سورنهن سالن جو قاسم ولد محمد قمر سڳا ڀائر آهن .