
فرنڪفرٽ (اين اين آءِ) ناڻي وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته سڌارن ۽ پائيدار پاليسين جي بدولت ملڪي معيشت ترقي جي دڳ تي هلي رهي آهي هن اهڙن خيالن جو اظهار ايشائي ترقياتي بئنڪ جي بورڊ آف گورنرس جي سالياني اجلاس ۾ خطاب ڪندي ڪيو. ناڻي واري وزير مختلف ملڪن جي وزيرن جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو آهي ته ملڪي معيشت جي بحالي لاءِ موجوده حڪومت طرفان گذريل ٽن سالن دوران ڪيترائي قدم کنيا آهن هن چيو ته پاڪستان معاشي استحڪام وارا قدم حاصل ڪيا آهن جنهن سبب ملڪي معيشت بهتري طرف سفر ڪري رهي آهي هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته برطانيا جي ماڻهن کي حق آهي ته اهي يورپ سان پنهنجي مستقبل جي لاڳاپن جو فيصلو ڪن.