سچ سڀني جي سامهون آيو، اياز صادق بليڪ ميل ڪرڻ ڪوشش ڪئي: عمران خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته اڄ سچ سڀني جي سامهون واضع ٿي ويو آهي، هو پارليامينٽ مان مايوس ٿيا ته ڪرپشن وارو معاملو کڻي سپريم ڪورٽ پهتا.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته مون واعدو ڪيو ته اهو ڪوڙو ٿابت ٿيو ته سياست ڇڏي ڏيندس، پاناما جي معاملي تي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي چيو هو ته نواز شريف خلاف ريفرنس اليڪشن ڪميشن موڪليو پر هن نواز شريف بجاءِ منهنجي خلاف ريفرنس موڪليو. هن چيو ته ملڪ ۾ رڳو نالي جي جمهوريت آهي، اسپيڪر مون کي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اسپيڪر کان پڇان ٿو ته منهنجو ريفرنس موڪليو ته پوءِ نواز شريف جو ڇو ناهي موڪليو. هن وڌيڪ چيو ته مخالف ڌر جو ڪم حڪومت جو پيسو غلط جاءِ استعمال تي آواز اٿارڻ آهي، اسپيڪر نواز شريف سان گڏجي منهنجي زبان بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. مون انگلينڊ ۾ 33 سيڪڙو ٽيڪس ڏنو هو، پاڪستان کان ٻاهر سڀ ڪجهه منهنجي نالي تي هو ڪنهن عرب شهزادي مون کي تحفو ناهي ڏنو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *