سڄي ملڪ ۾ 3 کان وڌيڪ موبائل سِمن جي بائيو ميٽرڪ جي تصديق لاءِ ڏنل ڊيڊلائين ختم

اسلام آباد (بيورو) سڄي ملڪ ۾ 3 کان وڌيڪ موبائل سِمن جي بائيو ميٽرڪ جــِي تصديق لاءِ ڏنل ڊيڊلائين اڄ ختم ٿي رهي آهي. 26فيبروري کانپوءِ 14 اپريل تائين هڪ قومي سڃاڻپ ڪارڊ تي رڳو ٻن سمن جي تصديق ڪرائي سگهبي. پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي جي ذريعن موجب پاڪستان ۾ استعمال ٿيندڙ 10 ڪروڙ 30 لک سمن مان هن وقت تائين رڳو پنج ڪروڙ 80 لک سمن جي تصديق مڪمل ٿي سگهي آهي. موبائيل ڪمپنين بائيو ميٽرڪ سسٽم ذريعي 4 ڪروڙ 40 لک سڃاڻپ ڪارڊن تي 5 ڪروڙ 80 لک سمن جي تصديق مڪمل ڪئي، جڏهن ته 70 لک سمن کي بند ڪيو ويو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *