سڄي ملڪ ۾ 11 هزار آئل ٽينڪرن مان رڳو ڏيڍ هزار معياري هئڻ جو انڪشاف آهن: لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ انڪشاف

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ احمد پور شرقيه سانحي بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران انڪشاف ٿيو آهي ته ملڪ ۾ 11 هزار آئل ٽينڪرن مان رڳو ڏيڍ هزار ٽينڪر ئي معيار تي پورا لهن ٿا. باقي ساڍا 9 هزار ٽينڪر ناقص ۽ غير معياري آهن. چيف جسٽس منصور علي شاهه اوگرا کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي ته غير معياري آئل ٽينڪرز کي منهن ڪيئن ڏنو وڃي ته پيٽروليم شين جي فراهمي متاثر نه ٿئي. ڊي آءِ جي موٽر وي ٻڌايو ته احمد پور شرقيه سانحي کان پوءِ هن وقت تائين 3 حادثا ٿي چڪا آهن، ڌماڪيدار مادي جي خاتمي واري کاتي عدالتي پڇاڻي تي ٻڌايو ته آئل ٽينڪرن کي قانوني ڀڃڪڙي تي ڏنڊ 50 لک ڪرڻ جي سمري موڪلي آهي. مقدار کان وڌيڪ پيٽرول کڻي وڃڻ تي روڪيو ته ايسوسيئيشن هڙتال ڪري ڇڏي، اوگرا اختيارين ٻڌايو ته حادثي جو شڪار ٿيل ٽينڪر ڪٿان کان تيار ٿيو ان جو ڪو به رڪارڊ ناهي. تينڪر جي تياري ۾ ڏيڍ ڪروڙ لاڳت ايندي آهي پر ڪمزور مٽيريل سان 50 لک رپين ۾ تيار ٿي ويندو آهي. آئل ڪمپني جي وڪيل سلمان بٽ نشاندهي ڪئي ته 11 هزار آئل ٽينڪرن مان رڳو ڏيڍ هزار ٽينڪر ئي معيار موجب آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *