سڄي ملڪ ۾ گرمي پد ۾ اضافو ٿي ويو، سج سوا نيزي تي لهي آيو

ڪراچي (نمائندن وٽان) سڄي ملڪ ۾ گرمي پد ۾ اضافو ٿي ويو، سج سوا نيزي تي لهي آيو، گرم هوائن جو راڄ برقرار آهي، نوابشاهه ۾ گرمي پد 49 سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو، گرمي جي ستايل ماڻهن شاخن ۽ واهن جو رخ ڪيو آهي، ڪراچي ۾ سمنڊ تي به ماڻهن جي رش لڳل آهي. ملڪ ۾ شديد گرمي جي لهر برقرار آهي، نوابشاهه ۾ گرمي پد 49 سينٽي گريد رڪارڊ ڪيو ويو، لاڙڪاڻو ۽ دادو ۾ 47، سکر ۽ خيرپور ۾ 46، عمرڪوٽ ۽ گهوٽڪي ۾ 44 جڏهن ته حيدرآباد ۾ گرمي پد 39 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.. ماڻهن گرمي کان بچڻ لاءِ هوائن ۽ شاخن جو رخ ڪري ورتو آهي، تفريحي ماڳن المنظر، ڪراچي سمنڊ، ڪينجهر ۽ ٻين هنڌن تي ماڻهن جا ميلا متل آهن. سخت گرمي دوران بجلي جي لوڊشيڊنگ به ماڻهن جا لاهه ڪڍي ڇڏيا آهن، ماڻهن ٿڌين شين جي استعمال ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته اسپتالن ۾ مريض گرمي سبب تڙپي رهيا آهن.. ٻئي پاسي، بدين ۽ ٿرپارڪر ۾ طوفاني هوائن سبب ڪيتريون ئي جهوپڙيون اڏامي ويون، ڪچن گهرن کي نقصان پهتو آهي، انبن جا باغ سخت متاثر ٿيا آهن.. تيز هوائن سبب سامونڊي پٽي ۾ مهاڻن هوڙا ڪنارن تي بيهاري ڇڏيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *