سڄي ملڪ ۾ برسات جا راڱان، عورت ۽ 4 ٻارڙن سميت 7 فوت

ڪراچي (م.ڊ) سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ برساتن جو سلسلو جاري آهي، بلوچستان جي اڪثر علائقن ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي، ڇت ڪرڻ ۽ حادثن ۾7 ڄڻا فوت ۽ 11ڄڻا زخمي ٿي پيا. سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ برساتن جو سلسلو جاري آهي، بلوچستان جي اڪثر علائقن ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي، ڇت ڪرڻ ۽ حادثن ۾7 ڄڻا فوت ۽ 11ڄڻا زخمي ٿي پيا. برسات سبب بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ ڪيترائي ڪچا گهر پٽ ٿي ويا ۽ گهرن جون ڇتيون ڪري پيون، جڏهن ته ندين نالن ۾ پاڻي جي چاڙهه سبب ٻوڏ جهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. شيراڻي ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب هڪ ئي ڪٽنب جا 5 ڀاتي فوت ۽ چمن ۾ حادثن سبب 2 ڄڻا فوت ٿي پيا. برسات سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا ۽ چمن سميت مختلف روڊ لڙهي ويا، جهل مگسي ڊيم جو بند ٽٽڻ سبب ٻوڏ جهڙي صورتحال ٿي وئي آهي. موسميات کاتي موجب دالبندين ۾ 22، پنجگور ۾ 11، سبي ۾ 22 ۽ قلات ۾ ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. موسميات کاتي پاران پنجاب، سنڌ، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ وڌيڪ برسات جي اڳڪٿي پڻ ڪئي وئي. وڌيڪ برسات جي اڳڪٿين کانپوءِ ڪمشنر ڪوئيٽا هنگامي صورتحال لاڳو ڪندي عملي جون موڪلون رد ڪري تيار رهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. هوڏانهن سنڌ سميت ڪراچي ۾ هلڪي برسات ۽ تيز هوا مختلف علائقن ۾ بجلي بند ٿي وئي. محمود آباد، منظور ڪالوني، گلشن اقبال، صدر، فيڊرل بي ايريا، گلستان جوهر، رنڇوڙ لائن سميت ٻين علائقن ۾ بجلي بند ٿي وئي. ڪي اليڪٽرڪ ترجمان جو چوڻ آهي هاءِ ٽينشن لائن ۾ فني خرابي سبب ڪجهه گرڊ اسٽيشن ٽرپ ٿي ويا. ترجمان موجب گرڊ اسٽيشن تي مرمتي ڪم جاري آهي،جلد بجلي بحال ڪئي ويندي. ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد، نوابشاهه، نارَي، گڊو ۽ ٻين شهرن ۾ برسات کانپوءِ موسم خوشگوار، بلوچستان ۾ طوفاني برساتن سبب ندي نالن ۾ ٻوڏ، روڊ رستا پاڻيءَ ۾ لڙهي وڃڻ سبب مختلف علائقن جو رابطو ڪٽجي ويو، موسميات کاتي موجب صوبي اندر وڌيڪ ٻن ڏينهن تائين برسات جو سلسلو جاري رهندو. جيڪب آباد، ڪشمور، نوابشاهه، کڏڙَي، نارَي، سڪرنڊ ۽ گڊو سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وسڪاري کانپوءِ موسم خوشگوار ٿي وئي آهي. بلوچستان جي ڪوئيٽا سميت مختلف علائقن ۾ برساتن جو نئون سلسلو جاري آهي، پنجگور، دالبندين، سبي، قلات ۽ ڪوئيٽا سميت ٻين ٻين علائقن ۾ طوفاني برسات سبب هيٺانهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. مختلف علائقن ۾ طوفان سان برسات سبب گهرن جون ڇتيون اڏامي ويون، جڏهن ته چمن ۾ شديد وسڪاري سبب روڊ رستا پاڻيءَ ۾ لڙهي ويا آهن. ڪوئيٽا، مڪران، سبي، دالبندين، زوب، چمن ۽ ٻين علائقن ۾ زوردار وسڪارو ٿيو، جڏهن ته مچ ۾ برسات سبب گاڏيءَ سان حادثي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ 11 زخمي ٿي پيا. جهل مگسي ۾ ڊيم جا بند ٽٽڻ سبب ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي، ڪوئيٽا، قلعه عبدالله، پشين، چاغي ۽ نوشڪي جي ڊپٽي ڪمشنرز کي هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. موسميات کاتي موجب بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ وڌيڪ ٻن ڏينهن تائين برساتن جو سلسلو جاري رهندو. ڊيرا اسماعيل خان، ٽانڪ، موسيٰ خيل، فيصل آباد، ٽوبه ٽيڪ سنگهه، ملتان، راجن پور، ڀڪر سرگوڌا، صوابي، چترال، جهانيان، غذر، ملتان، مظفر ڳڙهه، مظفرآباد ۽ شورڪوٽ سميت ٻين علائقن ۾ هلڪي ۽ زوردار برسات کانپوءِ هيٺانهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. پشاور ۽ ڀرپاسي گذريل رات کان برساتن جو سلسلو جاري آهي، جنهن سبب موسم خوشگوار بڻجي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *