سڄي ملڪ جي سئنيمائن تان ڀارتي فلمن جي نمائش بند

لاهور (شوبز نيوز) سڄي ملڪ جي سئنيما مالڪن لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي حملي سبب اڻڄاتل مدي تائين بالي ووڊ فلمن جي نمائش روڪي ڇڏي آهي. ڀارتي پروڊيوسرز ايسوسيئيشن پاران پاڪستاني فنڪارن تي پابندي کانپوءِ پاڪستاني سئنيما مالڪن به حالتون سڌرڻ تائين ڀارتي فلمون لاهڻ شروع ڪري ڏنيون آهن، امڪان آهي ته اڄ سئنيما مالڪ ۽ ڊسٽريبيوٽرز ڀارتي فلمن تي پابندي لڳائڻ جو باقائده اعلان ڪندا، جنهن سئنيما مالڪن ٽي وي چينلن تان ڀارتي ڊراما به بند ڪرڻ جي گهر ڪئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *