سڄي ملڪ جيان ڪراچي ۾ به ڏياري جو ڏڻ مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو

ڪراچي (اي پي پي) سڄي ملڪ جيان ڪراچي ۾ به آچر ڏينهن هندو برادري ڏياري جو ڏڻ مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهايو. ان سلسلي ۾ مندرن ،گهرن ۽ دڪانن ۾ ڏيئا ٻاري عبادتون ڪيون ويون جن ۾ ملڪ جي خوشحالي ،ترقي ۽ امن امان لاءِ خاص دعائون گهريون ويون. ڪراچي جي قديم سوامي نارائڻ مندر ۽ ايس ڊي ڌام مندر ۾ ڏياري جي حوالي سان وڏيون تقريبون ٿيون جن ۾ عورتن ۽ ٻارن به وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي روايتي گربا ناچ ۽ آتشبازي جو مظاهرو به ڪيو ويو. شهر جي ننڍن وڏن مندرن ۾ به هندو برادري عبادتون ۽ تقريبون منعقد ڪيون. ان موقعي تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران سيڪيورٽي جا خاص انتظام ڪيا ويا هئا. شهر جي مختلف سماجي تنظيمن غريب هندو ڀائرن جي ڏياري جي خوشين کي يقيني بنائڻ لاءِ سندن مالي مدد کان علاوه انهن ۾ ڪپڙا ۽ راشن ورهايو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *