سڄي قوم ۽ هٿياربند فوج پشاور سانحي جي شهيدن جي وارثن سان گڏ آهي: آرمي چيف

راولپنڊي (بيورو) آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو آهي ته سڄي قوم ۽ هٿياربند فوج پشاور سانحي  جي شهيدن جي وارثن سان گڏ آهي. پاڪ فوج جي ترجمان موجب آرمي چيف جنرل راحيل شريف ڪور هيڊڪوارٽر پشاور جو دورو ڪري ڪورڪمانڊر پشاور سان ملاقات ڪئي ۽ آپريشن ضرب عضب سميت آپريشن خيبرون ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي جوجائزو ورتو. ترجمان جو چوڻ هوته آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ سندس گهر واري پشاور سانحي جي شهيدن لاءِ ٿيندڙ قرآن خواني ۾ به شرڪت ڪئي جڏهن ته ان موقعي تي آرمي چيف جو چوڻ هو ته هٿياربند فوج پشاور سانحي جي متاثر خاندانن سان گڏ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *