سڄي قوم دهشتگردي جي لعنت ختم ڪرڻ لاءِ متحد آهي: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته سڄي قوم دهشتگردي جي لعنت ختم ڪرڻ لاءِ متحد ڀيٺي آهي، بزدلاڻين ڪاررواين سان اسان جي عزم کي ڪمزور نٿو ڪري سگهجي، خابرو ادارن موجب پرويز رشيد جو ڪراچي ۾ پوليو ورڪرن جي حفاظت ڪندڙ پوليس اهلڪارن تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چوڻ هو ته ملڪ مان آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين سک جو ساهه نه کڻنداسين، شهرين جي سِر جو تحفظ ڪرڻ لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه لوائينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *