سڄي سنڌ جا دورا ڪرڻ جو اعلان، ”صاف سرسبز سنڌ، پرامن سنڌ“ جو سلسلو هاڻ رڪجڻ وارو ناهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ”صاف سرسبز سنڌ، پرامن سنڌ“ جو سلسلو هاڻ رڪجڻ وارو ناهي. ڪراچي سان گڏ جلد ئي اندرين سنڌ جي سمورن ضلعن جا دورا ڪندس ۽ هن صوبي کي صاف ۽ شفاف ۽ سرسبز بڻائي ساهه کڻندس. ڪم چور ملازم هاڻ ڪم جي عادت وجهي ڇڏين ڇو ته هاڻ ڪنهن به کاتي ۾ ڪوبه ڪم چور يا گوسڙو ملازم باقي نه رهندو. سول سوسائٽي، سياسي ۽ مذهبي جماعتون ۽ سمورن شعبن سان تعلق رکندڙ هن مهم کي اوون ڪن ۽ ان جو ڪريڊٽ مونکي يا منهنجي پارٽي کي ڏيڻ بجاءِ پاڻ کڻن. اهڙن خيالن جو اظهار هن قائداعظم جي مزار جي آسپاس صفائي مهم دوران ٻهارو ڏيڻ  ۽ بعد ۾ اتي وڻڪاري جي مهم تحت ٻوٽو لڳائڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي ڪمشنر ڪراچي شعيب احمد صديقي، ميونسپل ڪمشنر ڪراچي مسعود عالم، ايڊمنسٽريٽر ميونسپل ڪمشنر ايسٽ سميت ٻيا اعليٰ آفيسر به ساڻس گڏ هئا. شرجيل انعام ميمڻ ان موقعي تي دائودي وهراه برادري جي هڪ وفد جيڪا قائداعظم جي مزار جي آسپاس ۾ صفائي جي ڪمن ۾ مصروف هئي، ان سان به ملاقات ڪئي ۽ ان جي جذبي کي ساراهيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جيڪڏهن اسان جي چوڻ کانسواءِ ئي ملازم ڪم ڪن ۽ شهر ۽ صوبي کي صاف سٿرو رکن ته اڄ اسان کي اهڙي ريت رستن تي نه اچڻو پوي ها ۽ نه ئي ميڊيا کي اهو ٻڌي ڪجهه ڪرڻو پوي ها، پر دير آئي درست آئي جي مثال تي اسان اڄ هڪ ڀيرو انهن سمورن ڪم چور ۽ گوسڙو ملازمن کي چئون ٿا ته هو هاڻ ڪم ڪرڻ جي عادت وجهن ڇو ته  هاڻ نه ته اها مهم رڪبي ۽ نه ئي اسان جا دورا رڪبا  اسان صوبي جي هڪ هڪ ضلعي، شهر ۽ ڳوٺ ۾ وينداسين ۽ جيستائين هن صوبي کي سرسبز نه ٿا بڻايون ۽ هتي صفائي کي مڪمل نٿا ڪرايون هي مهم جاري رهندي. هن چيو ته اڄ هن مهم ۾ سول سوسائٽي، شاگرد، استاد، تاجر ۽ صنتعڪار برادري ۽ سمورن شعبن سان تعلق رکندڙن کي شرڪت جي دعوت ڏيون ٿا ته هو ان مهم کي اوون ڪن ۽ ان جو ڪريڊٽ مونکي، بلديات ۽ سنڌ حڪومت يا پيپلز پارٽي کي ڏيڻ بجاءِ پاڻ کڻن ۽ عوام ۾ صفائي جي شعور کي اجاگر ڪن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هي مهم صرف صفائي يا سرسبز سنڌ بڻائڻ سان گڏوگڏ قبضن جي خاتمي جي مهم آهي ۽ ان تي به تيزي سان ڪم جاري آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *