سڄي دنيا جي ڪشميرين سان 5 فيبروري ٻڌي جو ثبوت آهي، مريم نواز اڄ به عمران خان جي بغض ۾ مبتلا آهي : شبلي فراز

اسلام آباد (م.ڊ/اين اين آءِ) سڌسماءِ جي وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته 5 فيبروري سڄي دنيا جي ڪشميرين سان ٻڌي جو ثبوت آهي وزيراعظم عالمي سطح تي ڪشميرين لاءِ اثرائتو آواز اٿاريو آهي ڪشمير بابت گڏيل قومن جي ٺهرائن تي عمل ڪرايو وڃي. لوڪ ورثه ۾ ڪشمير ڏهاڙي جي حوالي سان ڪوٺايل تصويري نمائش جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي سينيٽر سبلي فراز چيو ته 5 فيبوري جي حوالي سان تصويري نمائش کي شرڪت کي فخر سمجهان ٿو 5 فيبروري شهيد ڪشميرين ۽ انهن جي قربانين جي ياد ۾ ملهايو وڃي ٿو هن چيو ته هن لکين ڪشميري ڀائرن سان ٻڌي جو اظهار ڪيون ٿا جيڪي آزادي جي نعمت کان محروم آهن هندستان ڪشميرين جي قانوني حيثيت کي ختم ڪيو آهي هن چيو ته ڪشميري ڀارت جي خلاف سراپا احتجاج آهن شبلي فراز چيو ته وزيراعطم عالمي سطح تي ڪشميرين لاءِ اثرائتو آواز اٿاريو آهي 21هين صدي ۾ پنهنجي آزادي لاءِ پرامن جدوجهد ڪندڙن کي ڀارتي حڪومت ظلم ڪري رهي آهي ڪشمير بابت گڏيل قومن جي ٺهرائن تي عمل ڪرايو وڃي.  ٻئي طرف سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز جو چوڻ آهي ته ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جي ڏينهن به مريم نواز عمران خان جي بغض ۾ مبتلا آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز جو چوڻ هو ته ڪشميري ڀائرن سان ٻڌي جي ڏينهن به مريم نواز عمران خان جي بغض ۾ مبتلا آهي، هي عمران خان جي دشمني ۾ انڌا ٿي چڪا آهن، هنن کي نه ڪشمير ڪاز سان دلچسپي آهي ۽ نه ئي ملڪي مفاد عزيز آهي، قومي مفاد تي ذاتي مفادن کي ترجيح ڏيڻ هميشه سندن عادت رهي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *