سڄي خرابي توهان جي پيدا ڪيل آهي، ٺيڪ ڪيو نھ تھ گھر وڃو: بلاول زرداري

ڪراچي (اين اين آءِ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته سڄي خرابي توهان جي پيدا ڪيل آهي، ان کي ٺيڪ ڪيو نه ته گهر وڃو. ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته تحريڪ لبيڪ ۽ حڪومت وچ ۾ معاهدي کي پارليامينٽ ۾ نه آندو ويو، حڪومت روڊن تي ايڪشن وٺي ڇڏيو، پوءِ ٽي ايل پي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. هن چيو ته پرتشدد مظاهرن ۾ 500 کان وڌيڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿيا، انٽرنيٽ بند ڪئي وئي، وزيراعظم پارليامينٽ کي اعتماد ۾ نه ورتو، هاڻ تحريڪ انصاف پارليامينٽ پويان لڪڻ چاهي ٿي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *