سڄو شريف خاندان ڪوڙو آهي، شهباز شريف قومي اسيمبلي ۾ تنهنجي تقرير جو جواب ڏيندس: عمران خان

ڪراچي(م.د) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جو چوڻ آهي ته… سڄو شريف خاندان ڪوڙو آهي، شهباز شريف سڀاڻي قومي اسيمبلي ۾ تنهنجي تقرير جو جواب ڏيندس. پارٽي اڳواڻن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته پرڏيهه مان مزدور مزدوري طور پيسا موڪليندا آهن ۽ هتي اهي ماڻهو ڪرپشن ذريعي پرڏيهه موڪليندا آهن. عمران خان چيو ته نواز شريف ۽ شهباز شريف هن ملڪ جا اصل مير جعفر ۽ مير صادق آهن، اوهان آمريڪا سان سازش ڪئي ۽ اوهان جي ڪري اڄ ملڪ جون حالتون خراب آهن. اڳوڻي وزيراعظم چيو اڄ سڀ ڏوڪڙ کڻي اچي ويٺا هندستان منهنجي لاءِ وڃڻ ۽ انهن لاءِ اچڻ لاءِ سڀ کان وڌيڪ خوشي جو هنڌ رهيو آهي. عمران خان چيو ته هنن کي شرم اچڻ گهرجي ته هو اسان تي الزام لڳائي رهيا آهن، اسان مضبوط ادارن جي اهميت ڄاڻون ٿا، ڇو ته اسان جو جيئڻ ۽ مرڻ هتي آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته هي عمري تي وڃڻ جو وقت ناهي، اسان جي اڳواڻن کي هتي اچڻ گهرجي ها، ڇا مان مڪي يا مديني وڃڻ نٿو چاهيان؟ پر مان هتي آهيان عمران خان چيو ته کيس شرم اچڻ گهرجي ته مديني منوره ۾ ٿيندڙ واقعي جي ايف آءِ آر اسان جي خلاف داخل ڪئي وئي، اسان نه هن حڪومت تي يقين رکون ٿا ۽ نه ئي اسپيڪر کي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *