سڀ ڪليئر ٿيڻ گھرجي، اسان غدار آھيون ته آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ ثبوت ڏين: شھباز شريف

اسلام آباد (اين اين آءِ) (ن) ليگ جي صدر شهبازشريف چيو آهي ته مان چيف آف آرمي اسٽاف ۽ ڊي جي آئي ايس آئي کان گهر ڪريان ٿو ته جيڪڏهن مون سميت گڏيل اپوزيشن جي ڪنهن به ميمبر ڪا غداري ڪئي آهي ته ان جا ثبوت پيش ڪيا وڃن سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي شهبازشريف چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ وري ان جي ڪيس جي ٻڌڻي آهي اسان کي اميد آهي ته هو آئين جي حفاظت ڪندا هن چيو ته سمورن نالي وارن وڪيلن جي هڪ گڏيل راءِ آهي ته ڊپٽي اسپيڪر 3 مارچ تي آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي هي ڪارروائي جو معاملو نه آهي آئين جو معاملو هو شهبازشريف چيوت ه هن آئين کي ٽوڙيو ۽ صدر ۽ وزيراعطم به آئين کي ٽوڙيو جڏهن وزيراعظم صدر کي اسيمبلي ٽورڻ جي سمري اماڻي ته صدر به پنهنجي دماغ جي استعمال بنا اڌ ڪلاڪ ۾ اها سمري منظور ڪري ڇڏي هن چيو ته ڳالهه اها نه آهي ته اسان جلد ۽ شفاف چونڊون نٿا چاهيون اسان ته خود اهو ئي چاهيون پيا ته شفاف اليڪشن ٿئي پر مسئلو اهو آهي ته آئين کي ٽوڙيو ويو آهي ان لاءِ اسان سپريم ڪورٽ ۾ آيا آهيون جيڪڏهن انکي حل نه ڪيو ويندو ته هي بنانا ري پبلڪ بڻجي ويندو شهبازشريف چيو ته ان کان وڌيڪ ڊپٽي اسپيڪر هن ايوان جي 192 معزز ميمبرن کي آرٽيڪل 5 تحت غدار قرار ڏنو آهي ته ڇا هاڻي هي غدار ۽ وفادار جو بحث شروع ٿيندو هن چيو ته اسان هي ٺهراءُ پاڪستان جي عوام جي خواهش مطابق شروع ڪيو هو جيڪو هن مهانگائي ۾ پيڙجي چڪو آهي عوام بيروزگار ٿي چڪو آهي هن گهرن ۽ نوڪرين جو واعدو ڪيو هو هاڻي وڌيڪ لکين ماڻهو بيروزگار ٿي چڪا آهن پر اسپتال ۾ غريب ۽ بيواه جو علاج ڏکيو ٿي ويو آهي شهبازشريف چيو ته هي اهو عمران خان آهي جيڪو پنهنجي ذات جي ڳالهه اچي ٿي ته هر شئي کي قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندو آهي هن چيو ته مان نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي ميمبرن چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوا ۽ ڊي جي آئي ايس آئي کان گهر ڪريان ٿو تهج يڪڏهن اسان غداري ڪئي آهي ته ثبوت آڻيو ۽ سپريم ڪورٽ جي سامهون هي ثبوت پيش ڪريو هن چيو ته جيڪڏهن اسان مان ڪنهن به هي جرم ناهي ڪيو ۽ ڪنهن پرڏيهي طاقت کي دعوت ناهي ڏني ته ڪوڙ سچ ظاهر ٿيڻ گهرجي. .

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *