سڀ چون ٿا ناانصافي ٿي، عوام پانامه ڪيس جو فيصلو قبول ناهي ڪيو: وزير اعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته عوام پاناما ڪيس جو فيصلو قبول ناهي ڪيو، نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جو چوڻ هو ته جي ٽي روڊ تان وڃڻ لاءِ سڀني اصرار ڪيو، جي ٽي روڊ تان وڃڻ پارٽي جو فيصلو آهي، هن چيو ته اهو احتجاج ناهي، نواز شريف جي آجيان آهي، عوام پاناما ڪيس جو فيصلو قبول ناهي ڪيو، فيصلي خلاف نظرثاني جي درخواست ڏينداسين، هن چيو ته وزيراعظم نه هجان ها ته اڃا وڌيڪ کلي اظهار ڪريان ها، ٻيون جماعتون به چئي رهيون آهن ته ناانصافي ٿي، وزيراعظم چيو ته ٽيڪس نه ڏيڻ ڏوهه آهي، ان سان رياست ڪمزور ٿيندي آهي.  ٻئي طرف وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان سرتاج عزيز ملاقات ڪئي آهي، وزيراعظم چيو آهي ته بهادر فوج  دهشتگردي خلاف جنگ ۾ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان اڳوڻي صلاحڪار سرتاج عزيز ملاقات ڪئي. ذريعن موجب، ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ گڏيل دلچسپي وارن معاملن سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران شاهد خاقان عباسي ۽ سرتاج عزيز وچ ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون ويون. ان کان اڳ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي  اپر دير ۾ سڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾  پاڪ فوج تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن. وزيراعظم چيو آهي ته دهشتگردن جي ڪاررواين جي ڪري حوصلا ڪمزور نٿا ڪري سگهجن. شاهد خاقان عباسي چيو ته اهلڪارن جي شهادت تي کيس تمام گهڻو ڏک پهتو آهي، دهشتگردي خلاف جنگ بقا جي جنگ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *