سڀني کي خبر آ سينيٽ چونڊن ۾ ٻوليون لڳنديون آهن، اٽي، لٽي ۽ اجهي جي نعري کي اسان عملي جامو پهرايو: شبلي فراز

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته حڪومت جي زمين ۽ اثاثن جي حفاظت اسان جو آئيني، اخلاقي ۽ جمهوري فرض آهي، سرڪاري يا سياسي سرپرستي ۾ غير قانوني قبضي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. اسلام آباد ۾ وفاقي ڪابينا اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي شبلي فراز چيو ته اسلام آباد حادثي ۾ 4 نوجوانن جي فوت ٿيڻ واري واقعي جو وزيراعظم سختي سان نوٽيس ورتو آهي. هن ٻڌايو ته اجلاس ۾ قبضا مافيا خلاف جاري مهم تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، سرڪاري زمينن خاص طور ريلوي زمين تي ماڻهو سولائي سان قابض ٿي ويندا آهن ۽ اتي مختلف سرگرميون شروع ڪري ڇڏيندا آهن، ريلوي واري وزير کي چيو ويو آهي ته ان معاملي کي سختي سان ڏسي، ڪو به غير قانوني قبضو جيڪو سرڪاري يا سياسي ماڻهن جي سرپرستي ۾ هوندو، ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. سندس چوڻ هو ته اسان اٽي، لٽي ۽ اجهي جي نعري کي عملي جامو پهرايو، وزيراعظم گذريل 18 مهينن کان هفتيوار ميٽنگ ڪندو آهي ۽ حڪومت هڪ اهڙو نظام متعارف ڪرايو آهي، جنهن ۾ گهر لاءِ اين او سي، نقشو پاس ڪرڻ جو عمل مختصر وقت ۾ ڪيو ويندو. شبلي فراز چيو ته سڀني کي خبر آ سينيٽ چونڊن ۾ ٻوليون لڳنديون آهن، جيڪا هاڻ شروع ٿي ويون آهن، ماڻهو خريد ۽ وڪرو ڪيا ويندا آهن، جنهن سان ملڪ جي عالمي سطح تي ساک خراب ٿيندي آهي ته قانون ساز پنهنجون سيٽون پئسي سان خريد ڪري پارليامينٽ ۾ ايندا آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *