سڀني سيف علي خان سان جلد شادي ڪرڻ کان منع ڪيو هو:ڪرينا ڪپور

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ڪرينا ڪپور ۽ اداڪار سيف علي خان وچ ۾ شادي کانپوءِ اڃا تائين ڪابه اڻوڻندڙ ڳالهه ٻڌڻ ۾ نه آئي ۽ ٻئي ڪافي پرسڪون زندگي گذارڻ ۾ مصروف آهن.  ڪرينا ڪپور هڪ انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو هو ته ڪافي ماڻهن مون کي چيو هو ته شادي کانپوءِ ڪنهن به اداڪار جو ڪيريئر ختم ٿي ويندو آهي ۽ هاڻ سيف علي خان سان شادي نه ڪجان، پر مان پنهنجي فيصلي تان پوئتي نه هٽيس. هاڻ جيئن ته مان هڪ ماءُ بڻجڻ وڃي رهي آهيان، مان ڄاڻان ٿي ته ماڻهو ان تي به هڪ ليبل لڳائي ڇڏيندا پر ان سان مون کي ڪو فرق نٿو پوي، ڪابه شيءَ مون کي ڪم کان روڪي نٿي سگهي ۽ مان چڱي طرح ڄاڻان ٿي ته ذاتي ۽ پيشه وارانه زندگي کي هڪ ٻئي کان الڳ ڪيئن رکڻو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *