سڀني جو احتساب چاهيون ٿا، پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو مڪمل حق هئڻ گهرجي: سراج الحق

لاهور(م.ڊ)  جماعت اسلاميءَ جي امير سراج الحق چيو آهي ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏنو وڃي، پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني ووٽرز چوڌرين ۽ وڏيرن جي دٻاءُ کان آزاد آهن، انهن جو ووٽ سچي قيادت آڻڻ ۾ مضبوط ثابت ٿيندو، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جماعت اسلاميءَ جي امير جو وڌيڪ چوڻ هو ته منهنجو ڪالهه به اهو ئي موقف هو اڄ به اهو ئي موقف آهي ته سڀني جو احتساب ٿيڻ گهرجي، پاناما ۾ ۴۳٦ ماڻهن جا نالا شامل آهن، حزب اختلاف ۽ حزب اقتدار سڀن جو احتساب چاهيون ٿا، وڪيلن سان صلاح مشوري کانپوءِ سپريم ڪورٽ ۾ ٻيهر وينداسين، سراج الحق چيو ته جمهوريت کي ڪجهه ماڻهن جي هٿان يرغمال ٿيڻ نه ڏينداسين، ڦر ڪيل پئسا پاڪستان واپس آندا ويندا.(۰۲)

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *