سڀني ادارن جو احتساب ٿيڻ گهرجي،پنجاب جي ڳالهه ايندي ته ميان صاحبان ناراض ٿي ويندا آهن: شرميلا فاروقي

حيدرآباد:سنڌ جي وڏي وزير جي ثقافت کاتي بابت خصوصي معاون شرميلا فاروقي چيو آهي ته سنڌ ۾ 11 قديمي مرڪزن جو ترقياتي ڪم هلندڙ آهي تاريخي ۽ قديمي عمارتون جن جي حالت زبون  ٿي وئي هئي انهن کي اصل حالت ۾ آڻڻ لاءِ ثقافت کاتي ڀرپور اپاءَ اختيار  ڪري رهيو آهي  ته جيئن تاريخي  ماڳ گهمندڙن کي اهو  فخر  ٿئي ته اسانجي سنڌ  جي جرنلن جا مقبرا آهن جن  پراڻي دور ۾ پنهنجي پنهنجي رياستن تي حڪومتون ڪيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن هيرآباد حيدرآباد ۾ مير ڪرم علي خان ٽالپر جي مقبري جي مرمتي ۽ خوبصورتي واري ڪم جي پڄاڻي ۽ ان جي واپس ٿيڻ واري حوالي سان ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته مير حڪمرانن جنهن طريقي سان  پنهنجن آرائشن کي ٺاهيو  ان جو مثال نٿو ملي ۽ هاڻي اهو اسانجو فرض آهي ته  جتي جتي  تاريخي قديمي شيون آهن  انهن جي  نظرداري ڪرڻ ثقافت کاتي جي ذميواري آهي. هن چيو ته  اڄ مير ڪرم علي خان جي مقبري جو ڪم مڪمل ٿيڻ تي انڊوولمينٽ فنڊ ٽرسٽ (اي ايف ٽي) پاران  آڪٽوبر 2010 ۾ مرمتي ڪم شروع ڪيو ويو جيڪو مئي 2015 ۾ مڪمل ٿيو  جنهن جي مرمت لاءِ سنڌ حڪومت  25 ملين رپيا خرچ ڪيا آهن. هن چيو ته  پ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جون خاص هدايتون آهن ته سڀئي ادارا  پنهنجو ڪم تسلي بخش نموني سان ڪن  ۽ جيڪڏهن جتي ڪا به خردبرد ٿي آهي ته ان جي انڪوائري ٿيڻ گهرجي _انڊوولمينٽ فنڊ ٽرسٽ سان ثقافت کاتي ۾ 11 تاريخي ماڳن جي سارسنڀال لهڻ لاءِ معاهدو ٿيو هو جنهن ۾ رني ڪوٽ  ، نئون ڪوٽ ، ڪلهوڙا حڪمرانن جا مقبرا ۽ پڪي قلعي جي مرمت شامل آهي جنهن جو ڪم تمام جلد شروع ڪرايو ويندو _هن چيو ته  اي  ايف ٽي ادارو 2009 ۾ قائم ٿيو ۽ ان ۾ سينيئر تجربيڪار ماڻهن جي مدد ورتي وئي آهي. هن چيو ته  ثقافت کاتو  ڪڏهن به  صوبي جي ثقافت کي  مٽائڻ نه ڏيندو هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته سڀني ادارن جو احتساب ٿيڻ گهرجي جڏهن پنجاب جي ڳالهه ايندي آهي ته ميان صاحبان ناراض ٿي ويندا آهن جڏهن ته  سنڌ حڪومت سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي تڏهن به  اسين صبر ۽ اطمينان سان پنهنجون ذميواريون نڀائي رهيا آهيون _ بعد ۾ شرميلا فاروقي  مير ڪرم علي خان ٽالپر جي مقبري جو دورو ڪيو ۽ مير حيدر علي  کي  مقبري جون چاٻيون حوالي ڪيون . تقريب ۾ اڳوڻو صوبائي وزير زاهد ڀرڳڙي ، سيڪريٽري ثقافت ڊاڪٽر نياز حسين عباسي ، اڳوڻو سيڪريٽري ثقافت عبدالحميد آخوند، ڊي جي ثقافت منظور ڪناسرو، اي ايف ٽي جي انچارج  اشتياق انصاري، مير حيدر علي ٽالپر ۽  ابراهيم شاهه  کان علاوه واسطيدار عملدار پڻ موجود هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *