”سڀئي گڏجي سڏجي، هڪٻئي کي ڀاڪر پايون، اچو ته هولي ملهايون سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ “ هولي جوش ۽ جذبي سان ملهائي وئي

اسلام آباد(م.ڊ) سنڌ سوڌو سڄي ملڪ ۾ هولي جو ڏڻ وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، سڄي ملڪ ۾ رهندڙ هندو ڪٽنب پنهنجو مذهبي ڏڻ ڀرپور نموني سان ملهائي رهيا آهن. هولي کيرنگن جو تهوار قرار ڏنووڃي ٿو، جنهن ۾ هر پاسي قسمين قسمين رنگ وکيريل نظر ايندا آهن، هولي“ هندو جاتي جو شڀ ڏڻ آهي، جيڪو هندو جاتي هر سال ڦڳڻ مهيني جي پورنماسيءَ تي ڌام ڌوم سان ملهائيندي آهي، رنگا رنگي سندر ڏڻ ”هولي“ کي هندي ۾ ”هوري“ ۽ مارواڙي ۾ ”هولي“سڏيو وڃي ٿو، هولي کي ”هولڪا“ پڻ سڏيو وڃي ٿو، لفظ ”هوري“ جي معنيٰ آهي ”خوشي“، يعني ”خوشين جو ڏڻ“، هولي جو ڏڻ هر سال مارچ مهيني ۾ ۽ سنڌي ڪئلينڊر جي ڦڳڻ مهيني ۾ مها شِوِ راتڙي کان تقريبن پندرهن ڏينهن پوءِ ايندو آهي، هولي ڌرمي تهوار سان گڏوگڏ موسمي تهوار پڻ ليکيو ويندو آهي، هولي موسمي تهوار ان لاءِ ليکبو آهي، جو هي تهوار سياري ختم ٿيڻ کانپوءِ بهار جي موسم ۾ اچي ٿو، بهار جي موسم ايندي ئي لوڪ هولي جو تهوار ملهائڻ لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيندو آهي، هولي جو تهوار ٻين تهوارن کان بلڪل مختلف ۽ نرالو آهي. انهيءَ ڪري موسم بهار جي پهرين برسات کانپوءِ سرد ۽ خشڪ موسم بدلجي رنگين ٿي ويندي آهي، ٿڌڙيون هوائون هلڻ لڳنديون آهن، سارو جڳ خوشين ۾ پيو نچندو آهي، ان موسم ۾ هي تهوار ”هولي“ ملهايو ويندو آهي. هي تهوار بهار رت اچڻ جي خوشي سان گڏ راڳ ڳائڻ، هڪٻئي کي مٺا طعام کارائڻ ، مٺايون ورهائڻ، نوان ڪپڙا پائڻ، نچڻ، ڪڏڻ ۽ رنگن جي پکيڙ، مقصد ته مرڪون وکيرڻ جو نانءُ آهي، هولي لفظ ٻڌڻ سان ذهن ۾ رنگن جو تصور اڀري اچي ٿو، هولي جا رنگ انڊلٺ جي رنگن جيان انساني زندگيءَ جي سک ۽ شانتي جا اهڃاڻ آهن، هن موسم ۾ لابارا ٿيندا آهن ۽ هارين وٽ به اناج وغيره جمع ٿيندو آهي. ان ڪري اُهي به ڏاڍو خوش هوندا آهن ۽ ڪنهن حد تائين هي انهن جي خوشي جو ڏينهن به چيو ويندو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *