سپر هاءِ وي حادثي جو شڪار ٽئنڪر خالي هو، باهه لڳڻ جو ڪارڻ بس جو سيلينڊر ڦاٽڻ آهي، ابتدائي رپورٽ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ سپر هاءِ وي لنڪ روڊ تي ٿيل هولناڪ حادثي جي ابتدائي رپورٽ سامهون اچي وئي. رپورٽ ۾ باهه لڳڻ جو ڪارڻ بس ۾ لڳل گئس سيلينڊر جو ڦاٽڻ ٻڌايو ويو. سپر هاءِ وي لنڪ روڊ حادثي جي ابتدائي رپورٽ موجب بس اندر باهه گئس سيلينڊر ڦاٽڻ سان لڳي. حادثي وقت ٽينڪر ۾ آئل يا ڪيميڪل موجود نه هو پر اهو ٽينڪر بلوچستان جي علائقي لسبيلا ۾ رجسٽرڊ هو ۽ کير جي سپلاءِ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. پوليس موجب ڊرائيور آصف جکراڻي ۽ بس مالڪ بدر ابڙو جي گرفتاري لاءِ گلشن حديد ۽ اندروني سنڌ ڇاپا هنيا پيا وڃن. ٽينڪر جي مالڪ ۽ ڊرائيور جو به سراغ ناهي لڳائجي سگهيو. ٻئي پاسي سنڌ سرڪار گاڏين جي فٽنس جا اختيار پوليس کاتي کان وٺي ٽرانسپورٽ کاتي جي حوالي ڪري ڇڏيا، اها منظوري وڏي وزير ڏني

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *