سپر ماڊل ايان علي خلاف ڪرنسي اسمگلنگ جي ٻڌڻي 3 نومبر تائين ملتوي

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپر ماڊل ايان علي جي خلاف ڪرنسي اسمگلنگ جي ٻڌڻي 3 نومبر تائين ملتوي ڪئي وئي آهي جڏهن ته ماڊل ايان علي چيو آهي ته اڄوڪي دليلن کانپوءِ سچ شيشي وانگر واضح ٿي ويو عدليا جو احترام ڪيان ٿي ۽ ڪندي رهنديس، تفصيل مطابق ڪسٽم عدالت جي جج آفتاب ڊالر اسمگلنگ ڪيس ۾ ايان علي جي بريت واري درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران ايان علي جي وڪيل سردار لطيف کوسا دليل ڏنا. دليل مطابق ڪسٽم عدالت جي جج راڻا آفتاب ڪيس جي ٻڌڻي 3 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي به ايان علي جو وڪيل لطيف کوسا دليل جاري رکندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *