سپريم ڪورٽ 24 منرل واٽر ڪمپنين کي پاڻي جي وڪري کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ سڄي ملڪ جي 24 منرل واٽر ڪمپنين جي پاڻي جي وڪرو تي پابندي هڻي ڇڏي چيف جسٽس آف پاڪستان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٻن ميمبرن تي ٻڌل بئنچ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران منرل واٽر ڪمپني جي وڪيل جو موقف هو ته ان جي موڪل اداري پاران فراهم ڪيل پاڻي صحيح آهي عدالت پي سي ايس ڪيو اي جي رپورٽ گهرائي، چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اسان رپورٽ گهرائينداسين ڪمپني ان وهم ۾ نه رهي ته وڏو وڪيل ڪرڻ سان رليف ملندو، ڪمپني جو وڪيل ڳري فيس وٺي ٿو جڏهن ته ڳري فيس وٺي رليف وٺڻ ان جو حق ناهي، ڪمپنين کي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته خراب پاڻي وڪرو ناهي ڪرڻو اسان کي قوم ۽ ٻارڙن جي مفاد کي ڏسڻو آهي جيستائين صاف پاڻي جي پڪ نه ڏني ويندي وڪري جي اجازت نه ڏينداسين. سپريم ڪورٽ ملڪ جي 24 منرل واٽر ڪمپنين کي پاڻي جي وڪرو کان روڪيندي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *