سپريم ڪورٽ 18هين آئيني ترميم بابت درخواست اڪلائي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ، 18هين آئيني ترميم بابت درخواست اڪلائي ڇڏي،جڏهن ته 21هين آئيني ترميم ۽ فوجي عدالت خلاف داخل درخواستن تي ٻڌڻيون جاري آهن. چيف جسٽس، جسٽس ناصر الملڪ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 17 رڪني بينچ 18هين ۽ 21هين آئين ترميمن توڙي فوجي عدالتن خلاف داخل درخواستن تي ٻڌڻي ڪري رهي آهي. ٻڌڻي شروع ٿي ته سپريم ڪورٽ بار جي وڪيل نديم احمد ايڊووڪيٽ 18هين آئيني ترميم خلاف داخل ڪرايل درخواست واپس ورتي، جنهن بعد عدالت ڪيس اڪلائي ڇڏيو. ان موقعي تي عاصمه جهانگير دليل ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ بار کي 18هين ترميم تي خدشا آهن پر ڪجهه سببن جي ڪري هو درخواست واپس وٺي رهيا آهن. عاصمه جهانگير چيو ته ججن جي مقرري تي به خدشا هئا، جنهن بعد فارمولو تيار ڪري حڪومت کي موڪليو ويو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ 18هين آئيني ترميم واري درخواست اڪلائجڻ بعد فوجي عدالتن ۽ 21هين آئيني ترميم بابت داخل درخواستن تي ٻڌڻي جاري آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *