سپريم ڪورٽ ۾ پاناما ليڪس جا ثبوت به ايندا ۽ نواز شريف سياسي طور تي دفن ٿي ويندو: شيخ رشيد

لاهور (اين اين آءِ) پاڪستان عوامي مسلم ليگ جي اڳواڻ شيخ رشيد چيو آهي ته نوازشريف عوامي عدالت ۾ پانامه ڪيس هارائي چڪو آهي قطر جي شهزادي جا پئسا ئي مڃڻا آهن ته پوءِ ڪرپشن کي کليل ڇوٽ ڏيڻ گهرجي سپريم ڪورٽ ۾ پانامه ليڪس جا ثبوت به ايندا ۽ نوازشريف سياسي طور تي دفن به ٿي ويندو حڪومت نه هلي رهي آهي نوازشريف ضد ڪيو ويٺو آهي پر ضد جو انجام وڏو خوفناڪ حادثو به ٿي سگهي ٿو موجوده حڪومت نيوز ليڪس کان نٿي بچي سگهي ڊسمبر تمام اهم آهي عمران خان اپوزيشن نه ڪندو ته ڇا مولانا فضل الرحمان ڪندو سردار اياز صادق ٻئي نمبر مان پهرين نمبر تي پهچي ويو آهي جمهوريت کي جيترو نقصان ان پهچايو شايد ڪنهن پهچايو هجي اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن پ پ پ جي سينيئر اڳواڻ جهانگير بدر جي لاڏاڻي تي ان جي رهائشگاهه وڃي ان جي وارثن سان تعزيت جي اظهار کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو شيخ رشيد چيو ته قطري ڪاغذن سان صرف نوازشريف جي ئي عزت ختم ٿي پر سڄي پاڪستان جي به جنهن کي به سي ڊي آر وارا نوٽيس ڏين اهو ڪوئي کڻي اچي ڪاغذ ۽ چئي ته هي مون وٽ انويسٽر آهي جيڪڏهن ڪو ماڻهو اهو سمجهي رهيو آهي ته نوازشريف نيوز ليڪس کان بچي ويندو ته ايئن هرگز نه ٿيندو. دنيا هيڏانهن جو هوڏانهن ٿي وڃي پر موجوده حڪومت نيوز ليڪس جي ڪيس مان نٿي بچي سگهي اهو ادارن جو فيصلو آهي ڪنهن جي اچڻ يا وڃڻ سان ادارن جي فيصلن تي ڪوبه فرق نٿو پئي جيڪڏهن سمنڊمان موجون 28 تاريخ تي ختم ٿيڻ واريون آهن ته ان جو مطلب هي نه آهي ته سمنڊ جي تهه ۾ واڳو نه ويٺا آهن سمنڊ جي تري ۾ واڳون آهن ۽ اهي ماڻهو جيڪي سمجهي رهيا آهن ته سڄي قوم کي بيوقوف بڻائي رهيا آهيون منهنجي خيال ۾ هو پنهنجو پاڻ کي بيوقوف بڻائي رهيا آهن هن چيو ته مون کي افسوس ٿي رهيو آهي ته مان لنڊن ۾ هيس ته اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته منهنجو ٻٽو معيار آهي اياز صادق نوازشريف کان پڇي ته منهنجو ڪهڙو اسٽينڊر آهي هو ٻه نمبر اسپيڪر اهي نوازشريف منهنجا نخرا برداشت ڪندو هو مان ڪڏهن مالڪ جو ڪردار ادا نه ڪيو هو چوي ٿو ته مان سائوٿ آفريڪا جي ويزا لاءِ توهان کي چيو مان اسيمبلي جو اهو ميمبر آهيان جن کي آمريڪا جهاز مان به ڀيرا لاهي ڇڏيو مان آمريڪا نه وڃي رهيو هيس جيڪڏهن اهو ڪنهن ٻئي ملڪ جي ميمبر پارليامينٽ سان ٿئي ها ته جهاز روڪي ان کي آف لوڊ ڪيو وڃي ها ته اهو قيادت آڻي ڇڏي ها امريڪن معافي وٺڻ لاءِ تيار آهن پر مان چيو ته نه توهان آفيشل اسٽيٽمينٽ ڏيو آمريڪي پرڏيهي آفيس مون کان معافي وٺي ته ان مون سان زيادتي ڪئي آهي پر ان سان اياز صادق تي ڪوبه فرق نٿو پوي هر قائمه ڪميٽي جون ڪميٽيون هونديون آهن ڪوبه آفريڪا ۾ هوندو آهي ته ڪوئي لنڊن ۾ هوندو آهي مان قائمه ڪميٽي آفريڪا ۾ هيس ۽ اياز صادق جي لاءِ عرض آهي ته هن منهنجو ٽوئر ۾ نالو وڌو هو ۽ ٽڪيٽ موڪلي هئي خدا جو شڪر آهي مان نه ويس شايد وڃان ها پر مان مصروف هيس جنهن ملڪ جو اسپيڪر ايترو ننڍو هجي ۽ جيڪو ٻئي نمبر مان پهرين نمبر تي اچي ويو هجي اهو سمجهي ٿو ته جمهوريت ان سان زنده رهندي. مان سمجهان ٿو ته ان جمهويت کي جيترو نقصان اياز صادق جهڙِ نااهلي اسپيڪر پهچايو آهي شايد ئي ڪنهن پهچايو هجي.هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آصف علي زرداري راحيل شريف جي دوران نه آيو اهو ان کي خبر پوندي هن ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻين ماڻهن جي معاملي تي نوازشريف سان بهتر ڊيل ڪئي هن چيو ته عمران خان سان گڏ مان آهيان ۽ سڀ ڪجهه ٺيڪ هلي رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *