سپريم ڪورٽ: پوليس ۾ ميرٽ تي ڀرتين سميت سمورين سفارشن تي عملدرآمد جو حڪم

اسلام آباد (بيورو) سـُپريم ڪورٽ، ڪراچي ۾ ڀنگ لاءِ اغوا وارو ڪيس اڪلائيندي پوليس ۾ ميرٽ تي ڀرتين ۽ جديد اوزارن جي فراهمي سميت سمورين سفارشن تي عملدرآمد جو حڪم ڏيندي سفارشون سنڌ سرڪار ڏانهن موڪلي ڇڏيون آهن. جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ ڪراچي ۾ ڀـُنگ لاءِ اغوا بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻيءَ دوران ايس ايس پي انويسٽيگيشن الطاف قريشي ڪراچي عدالتي حڪم تحت سنڌ پوليس جون سفارشون پيش ڪيون. ايس ايس پي چيو ته پوليس کي ميرٽ تي ڀرتين، جديد هٿيارن جي ضرورت آهي، هر ضلعي ۾ فرازنڪ ليبارٽري قائم ڪئي وڃي ته پوليس جي ڪاڪردگي بهتر ٿي سگهي ٿي. جسٽس عمر عطا بنديال پڇاڻو ڪيو ته توهان حڪومت ڏانهن سفارشون موڪليون، انهن تي ڪهڙو جواب مليو.؟ ايس ايس پي انويسٽيگيشن چيو ته حڪومت چيو ته سفارشن تي غور ٿي رهيو آهي ۽ سمورا قدم پائيپ لائين ۾ آهن.جسٽس انور ظهير جمالي ريمارڪس ڏنا ته پائيپ  لائين وارا منصوبا هميشه پائيپ لائين ۾ ئي رهندا آهن. ايدووڪيٽ جنرل سنڌ عدالت کي آگاهي ڏني ته حڪومت، پوليس جي سفارشن تي غور ڪري رهي آهي، جنهن تي جسٽس انور ظهير جمالي چيو ته توهان رڳو غور ئي ڪندا رهو. عدالت، پوليس جون سموريون سفارشون سنڌ جي چيف سيڪريٽري ۽ گهرو سيڪريٽري ڏانهن موڪلڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته سرڪار ان جو جائزو وٺي ۽ عملدرآمد ڪري، جنهن بعد عدالت ڪيس اُڪلائي ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *