سپريم ڪورٽ پرويز مشرف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي ، نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو اختيار حڪومت حوالي

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ اڳوڻي صدر پرويز مشرف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيندي سندس نالو اي سي ۾ شامل رکڻ يا ڪڍڻ جو فيصلو حڪومت تي ڇڏي ڏنو آهي، اڳوڻي صدر پرويز مشرف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ بابت سپريم ڪورٽ ۾ داخل درخواست جي ٻڌڻي چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي جي اڳواڻي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ ڪئي،ان موقعي تي پرويز مشرف جي وڪيل بيرسٽر فروغ عدالت ۾ پيش ٿي چيو ته پرويز مشرف بيمار آهي، کيس علاج لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي، چيف جسٽس انور ظهير جمالي ريمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪي ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ پيش ڪيا ويا آهن، اهي پاڪستان ۾ سولائي سان ٺهي وڃن ٿا، ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل اڳوڻي صدر جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ بابت عدالتي فيصلو پڙهي ٻڌايو، اٽارني جنرل جو چوڻ هو ته پرويز مشرف جو نالو عدالتي حڪم تي اي سي ايل ۾ وڌو ويو آهي،اسان عدالتي حڪمن تي عمل ڪري رهيا آهيون، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اوهان جيڪو فيصلو پڙهيو، اهو عارضي حڪم هو، ڇا توهان کي ان تي ڪو اعتراض آهي؟ ڌرين جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ سپريم ڪورٽ پرويز مشرف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيڻ بابت سنڌ هائيڪورٽ جي فيصلي خلاف وفاقي حڪومت جي داخل ڪيل درخواست رد ڪري ڇڏي ۽ کيس علاج لاءِ پرڏيه وڃڻ جي اجازت ڏني، سپريم ڪورٽ پنهنجي حڪم ۾ چيو ته پرويز مشرف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ يا نه ڪڍڻ بابت فيصلو هاڻ وفاقي حڪومت پاڻ ڪري، عدالت جو چوڻ هو ته اڳوڻي صدر جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ بابت سپريم ڪورٽ جو 8 اپريل 2013ع تي ڏنل فيصلو ان معاملي ۾ رنڊڪ نه بڻجندو.001

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *