سپريم ڪورٽ پاناما ڪيس کي جلد حل ڪرڻ چاهي ٿي، جنهن تي خوشي آهي: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته سپريم ڪورٽ پاناما ليڪس ڪيس کي جلد پُڄاڻي تي پهچائڻ چاهي ٿي، جنهن تي خوشي آهي، سپريم ڪورٽ ايندڙ ٻُڌڻي تي تفصيلي جواب ۽ دستاويز طلب ڪري ورتا آهن. پاناما ليڪس ڪيس جي ٻُڌڻي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان جو چوڻ هو ته عدالت چيو آهي ته پاناما ڪيس جو فيصلو ڪميشن ٺاهي بغير عدالت به ڏئي سگهي ٿي، ڪيس جو فيصلو ڏيڻ ۾ وڌيڪ دير نه ٿيندي، عمران خان چيو ته عدالت جو ڪيس جلد حل ڪرڻ وارو عمل خوشي جوڳو آهي. نئب هٿ مٿي ڪري ويٺي آهي جڏهن ته اداري وٽ اختيار به آهن، هن وڌيڪ چيو ته مغل اعظم جي ٻارن جي وڪيل چيو آهي ته لنڊن ۾ 2006ع ۾ فليٽ خريد ڪيا ويا، جڏهن ته چوڌري نثار، صديق الفاروق، خواجا آصف ۽ ڪلثوم نواز مختلف موقعن تي چيو آهي ته فليٽ 90 جي دور ۾ ورتا ويا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *