سپريم ڪورٽ ووٽ ڳجهو نه رهڻ واري پي ٽي آءَ جي موقف جي حمايت ڪئي: وفاقي وزير

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ جي سينيٽ چونڊن جي حوالي سان راءِ سامهون اچڻ کانپوءِ حڪومتي وفد چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات ڪئي آهي. حڪومتي وفد چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا سان سينيٽ چونڊن ۾ ووٽ جي سڃاڻپ لاءِ طريقي ڪار واضح ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي. حڪومتي وفد ۾ بابر اعواڻ، شهزاد اڪبر، شفقت محمود، فيصل جاويد، فواد چوڌري ۽ آئيني ماهر به شامل هئا. ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته سپريم ڪورٽ جي ايڊوائس واضح آهي، جيڪو به ووٽ وجهندو اهو سڃاڻپ قابل هوندو، خبر پئجي سگهندي ته ان ووٽ ڪيئن وڌو آهي، اليڪشن ڪميشن کي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ تي فيصلي تي مڪمل عمل ڪيو. شفقت محمود جو چوڻ هو ته اسان جي نظر ۾ بهترين طريقو بيلٽ پيپر آهي، جنهن تي بار ڪوڊ يا اهڙي ڪا شئي هجي، جنهن سان اليڪشن ڪميشن کي خبر پئجي سگهي ته ڪنهن ووٽ ڏنو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *