سپريم ڪورٽ نواز شريف کي پارٽي صدارت لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ اليڪشن ايڪٽ 2017ع ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس آف پاڪستان فيصلو ڏنو ته نااهل شخص  پارٽي جي صدارت نٿو ڪري سگهي، طاقت جو سر چشمو خدا آهي، آرٽيڪل 17 سياسي پارٽي بڻائڻ جو حق ڏئي ٿو جڏهن ته آرٽيڪل 17 ۾ قانوني شرطون موجود آهن. هن فيصلو ٻڌائيندي چيو ته نااهل شخص پارٽي صدر نٿو رهي سگهي، آرٽيڪل 62، 63 تي پورو نه لهندڙ شخص پارٽي جو صدر نٿو رهي سگهي. سپريم ڪورٽ اليڪشن ايڪٽ 2017ع جو فيصلو ٻڌائيندي نواز شريف جي پارٽي صدر طور ڪيل بندوبستن کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *