سپريم ڪورٽ موبائيل فون ڪارڊن تي سمورا ٽيڪس بحال ڪري ڇڏيا

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ موبائيل فون ڪارڊن تي سمورا ٽيڪس بحال ڪري ڇڏيا. چيف جسٽس پاڪستان جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ موبائيل فون ڪارڊن تي ٽيڪسز بابت اهم ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران هڪ اهم قانوني نڪتي تي بحث ٿيو ته 184 ٿري جي پاڻمرادي نوٽيس ڪيس ۾ ٽيڪسن جي معاملن کي ٻڌي سگهجي ٿو يا معطل ڪري سگهجي ٿو.

عدالت وفاق ۽ صوبن جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪيو هو جيڪو ڪجهه دير کانپوءِ ٻڌايو ويو .

عدالت پنهنجي فيصلي ۾ موبائيل فون ڪارڊن تي معطل ڪيل سمورا ٽيڪس بحال ڪري ڇڏيا. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ ٽيڪسن واري معاملي تي ڪو به حڪم جاري نٿي ڪري سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *